Social Vibes

Social Vibes تنهنجي اصل زندگي تنهنجي سوچ آهي,
باقي ته رڳو هڏا ۽ سکڻو گوشت آهن💙
مولانا رومي. Mirpur Mathelo Sindh Pakistan

17/01/2026

ڪچي ۾ پوليس جو وڏو تعداد لٿل
Cp

16/01/2026

شبِ معراج مبارڪ 🌙✨

شبِ معراج جون واڌايون

الله پاڪ هن برڪتن, رحمتن واري رات جي صدقي توهان سڀني جي دلين کي ايمان سان، زندگي کي سڪون سان، ۽ دعائن کي قبوليت سان ڀرڻ عطا فرمائي...

الله تعالى توهان سڀني کي صحت، خوشحالي، رزق ۾ برڪت، بخشش عطا فرمائي، هر پريشاني ۽ مصيبت کان بچائي، ۽ نماز سان مضبوط رشتو نصيب فرمائي.....

الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي ويجهو آڻي، نيڪ عملن جي توفيق عطا فرمائي ۽ هن مقدس رات جون برڪتون قبول فرمائي.

آمين يا رب العالمين

ڇا هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ چور يا ڦورو ٿي سگهي ٿو؟علائقي جي امن خاطر پنهنجي ڀاء جو خون معاف ڪندڙ ڌاڙيل ٿي سگهي ٿو؟دادو ...
08/01/2026

ڇا هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ چور يا ڦورو ٿي سگهي ٿو؟
علائقي جي امن خاطر پنهنجي ڀاء جو خون معاف ڪندڙ ڌاڙيل ٿي سگهي ٿو؟
دادو پوليس مير نادر علي جمالي کي پڪڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوى ڪئي آھي،،
مگر حقيقتون ڪجهه هن ريت آھن جن کي پڙھو سمجهو ۽ آواز اٿاريو،

نادر جمالي جو مبينا پوليس سان مقابلو يا سياسي انتقام؟ قتل جي پويان ”ٽول پلازا“ ۽ ”اربين روپين“ جا هيائن ڏاريندڙ انڪشاف ٿين ٿا
دادو جي نوجوان نادر جمالي جو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ رڳو هڪ واقعو ناهي، پر ان جي پويان سياسي اثر، مالي لالچ ۽ انتقامي سياست جي هڪ ڀيانڪ ڪهاڻي سامهون اچي رهي آهي. ذريعن ۽ مقامي سطح تي گردش ڪندڙ حقيقتون اها ڳالهه ظاهر ڪن ٿيون ته هي مقابلو ”ڪوڙو“ ۽ ”منصوبه بندي“ هو، جنهن جا اشارا سڌو سنئون طاقتور سياسي حلقن سان ملي رهيا آهن.
تڪرار جو اصل ڪارڻ: اربين روپين جي ٽول پلازه آھي
مقامي ماڻھن موجب، هن سڄي خونريزيءَ جو بنياد ڪجهه ڏينهن اڳ دادو ٽول پلازه جي ٿيل افتتاح سان پيو. ٽول پلازه جي چارج نادر جمالي کي ملي، جيڪا ڳالهه علائقي جي بااثر سياسي شخصيت ۽ پ پ پ ايم پي اي پير مجيب کي ناگوار گذري. ذريعن موجب، پير مجيب اڳ ئي جمالي برادريءَ سان سياسي اختلافن سبب ڪاوڙيل هو، پر ٽول پلازا جو اربين روپين جو ٺيڪو ۽ ان جي مالڪي اصل تڪرار جو سبب بڻي.
سياسي دٻاءُ ۽ ناڪامي
چيو وڃي ٿو ته پير مجيب هن ٺيڪي کي پنهنجي ماڻهن جي حوالي ڪرائڻ لاءِ ڊي سي دادو کان وٺي پارٽي جي اعليٰ قيادت ( فريال ٽالپر) تائين پهچ ڪئي. پر کيس اهو چئي جواب ڏنو ويو ته ”ٽول پلازا نيشنل هائي وي اٿارٽي (NHA) جو معاملو آهي، ان ۾ صوبائي مداخلت ممڪن ناهي.“ اها ناڪامي پير مجيب لاءِ هڪ انا جو مسئلو بڻجي وئي.
قانوني جنگ کان وٺي رت جي راند تائين
جڏهن سياسي دٻاءُ ڪم نه آيو ته نادر جمالي خلاف مختلف ڪيس داخل ڪرائي کيس قانوني شڪنجي ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر عدالت مان ضمانت ملڻ ڪري اهو وار به خالي ويو. ذريعن جو دعويٰ آهي ته جڏهن سڌي لڙائيءَ ۾ ناڪامي ٿي ته ”پوليس گردي“ جو سهارو ورتو ويو.
انصاف جو سوال: قاتل ڪير؟
نادر جمالي جو رت رڳو پوليس جي بندوق مان ناهي نڪتو، پر ان جي پويان اها مالي لالچ ۽ سياسي وڏيرپ شاهي آهي جيڪا پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي رت سان صاف ڪرڻ ڄاڻي ٿي. عوامي حلقن جو مطالبو آهي ته:
• نادر جمالي جي قتل جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي.
• پير مجيب جي ڪردار ۽ پوليس سان سندس رابطن جي جاچ ڪئي وڃي.
رئيس حبيب الله خان جمالي جيڪو دادو جي جمالين جو پڳدار هو ۽ مارجي ويل نادر جمالي ان جو ئي پٽ هو
• مبينا ڪوڙي مقابلي ۾ ملوث سڀني پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري کين نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي.
هي چند حقيقتون هيون نادر جمالي جي اصل واقعي جون،
هاڻي سنڌ واسي فيصلو ڪن ته ڇا هڪ زميندار، هڪ واپاري، هڪ ڪاروباري ماڻھون، کي ايئن پوليس هٿان مارائي ڇڏڻ ۽ ان کي وري پوليس مقابلو ظاهر ڪري خون لوڙھن، ڇا اها پوليس جي بربريت ناهي؟
لڳي ٿو هي خون ناحق گهڻن کي گهاڻي وجهندو copy
゚viralシalシ

What a great comeback by ShaddyPakistan won by 6 wicket ls💥👌
07/01/2026

What a great comeback by Shaddy
Pakistan won by 6 wicket ls💥👌

25/06/2022

سڀاڻي سنڌ ۾ باشعور عوام جو امتحان آهي ✌️🌟✌️

دنيا جي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته ڪتاب بندوق کان وڌيڪ حيثيت رکي ٿو ،
25/06/2022

دنيا جي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته ڪتاب بندوق کان وڌيڪ حيثيت رکي ٿو ،

25/06/2022

وڏي وقت کان پوءِ سنڌ ۾ جاهل حڪمران کان ڇوٽڪارو نظر پيو اچي
ڀٽي جي نعري پويان لڪيل زرداري مافيا کي شڪست ڏسڻي پوندي
انشاء الله ...

اليڪشن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي . سنڌ هاءِ ڪورٽ .
24/06/2022

اليڪشن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي . سنڌ هاءِ ڪورٽ .

Address

Mirpur Mathelo

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Social Vibes posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Social Vibes:

Share