09/01/2026
اڄ جو سوال رياسٿ کان
سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي دور مان گذري رهي آهي، جتي سوال ڪرڻ جرم بڻجي ويو آهي ۽ ظلم ڪرڻ اختيار. وڏو “ڌاڙيل نادر جمالي جي ايس ايس پي سعود مگسي سان گڏ موجودگي ڪا معمولي تصوير نه، پر رياست جي قانوني دعوائن، انصاف جي بي طرفي ۽ حڪمراني جي ساک تي کليل ۽ سنگين سوال آهي.”. جيڪڏهن نادر جمالي واقعي ڏوهاري هو، ته پوءِ اهو قانون جي نگهبان سان گڏ ڪهڙي حيثيت ۾ بيٺو هو؟ ھي رڳو هڪ فرد يا هڪ واقعي جو معاملو ناهي، پنهنجن مفادن جي تحفظ خاطر سنڌ جي ڳڀرو جوانن کي روڊن تي ماريو پيو وڃي، جڏهن ته اقتدار جا محافظ تماشائي بڻيل آهن. هن تشدد جو سڀ کان وڏو نقصان معصوم ٻچن، بي سهارا مائرن ۽ انهن نوجوان نياڻين کي پهچي رهيو آهي، جيڪي وقت کان اڳ بيواهه بڻجي رهيون آهن. سوال اهو ناهي ته ڪير مارجي رهيو آهي، سوال اهو آهي ته ڇو مارجي رهيو آهي؟ ڇا هي رياست جي ناڪامي ناهي، جو قانون ڏوهارين سان هٿ ملائي بيگناهن تي گوليون وسائي؟ رياست جو بنيادي فرض تحفظ مهيا ڪرڻ آهي، پر هتي تحفظ بدران تابوت ورهايا پيا وڃن، سياسي قيادت کي جوابدهي قبول ڪرڻي پوندي، ۽ عدليه کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ وڌيڪ لاش برداشت نٿي ڪري. سنڌ انصاف گهري ٿي، امن گهري ٿي، ۽ زندگي گهري ٿي.