Village Rurghar

Village Rurghar #ٿرپارڪر
جي
قديمي ڳوٺ جون خوبصورت تصويرون ويڊيوز وغيرہ ��

الحمدللهاڄ ڪجھ دير اڳ اسان وٽ ھلڪي کان درمياني برسات وُٺي رڙگھڙ جيتراڙ جاريلو ڀمي جو تڙ ۽ پسگردائيءَ ۾
12/08/2026

الحمدلله
اڄ ڪجھ دير اڳ اسان وٽ ھلڪي کان درمياني برسات وُٺي
رڙگھڙ جيتراڙ جاريلو ڀمي جو تڙ ۽ پسگردائيءَ ۾

🚨 توجهہ طلب!ڇاڇرو–ڏاهلي جي ڳوٺ جيتراڙ کان رڙگهڙ وچ وارو روڊ تازين برساتن سبب پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي، جنهن ڪري ٽريفڪ جي اچ و...
05/08/2026

🚨 توجهہ طلب!
ڇاڇرو–ڏاهلي جي ڳوٺ جيتراڙ کان رڙگهڙ وچ وارو روڊ تازين برساتن سبب پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي، جنهن ڪري ٽريفڪ جي اچ وڃ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي.
🙏 تڪ جي چونڊيل نمائندن، لاڳاپيل کاتن ۽ اعليٰ اختيارين کي گذارش آهي ته هن روڊ جي ترت مرمت ڪرائي وڃي، جيئن علائقي واسين جي روزاني اچ وڃ بحال ٿئي، مريضن، شاگردن ۽ مسافرن کي پيش ايندڙ تڪليفن جو ازالو ٿي سگهي.
مهرباني ڪري عوامي تڪليف کي نظر ۾ رکندي فوري قدم کنيا وڃن.
#ڇاڇرو #ڏاهلي #جيتراڙ #رڙگهڙ #ٿرپارڪر

ڳوٺ رڙگھڙ ۾ اڄ شديد برسات کان پوءِ پاڻي جي وهڪرن جا منظر
25/07/2026

ڳوٺ رڙگھڙ ۾ اڄ شديد برسات کان پوءِ پاڻي جي وهڪرن جا منظر

الله پاڪ خير فرمائي، سڀني جي حفاظت ڪري. 🤲🌧️اڄ صبح کان ڳوٺ رڙگھڙ، تعلقو ڏاھلي، ضلعو ٿرپارڪر ۾ وسندڙ تيز برسات ڪم لاھي ڇڏي...
25/07/2026

الله پاڪ خير فرمائي، سڀني جي حفاظت ڪري. 🤲🌧️
اڄ صبح کان ڳوٺ رڙگھڙ، تعلقو ڏاھلي، ضلعو ٿرپارڪر ۾ وسندڙ تيز برسات ڪم لاھي ڇڏيا آهن. نوڻين پاساڙن کان نديون وھي ڳوٺ آيون آھن،جڏهن ته هر طرف ريٽن ۾ پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو آهي.
ڪنهن جا لوڙها، رستا ۽ روڊ تيز وهڪرن ۾ لڙهي ويا آهن، ته ڪنهن جا ڪمزور چونرا ۽ لانڊيون زمين بوس ٿي ويون آهن. هاڻي ته ڪيترائي مضبوط چونرا،پڪا ڪمرا به خطري هيٺ آهن.
الله پاڪ سڀني جي جان، مال، گهرن ۽ مالوندن جي حفاظت فرمائي، ۽ هي برسات خير ۽ برڪت جو سبب بڻائي. آمين. 🤲
#ٿرپارڪر #ڏاھلي #رڙگھڙ #برسات #سنڌ

22/07/2026

🌧️ الحمدلله، رب ڪريم جا لکين لک شڪر! 🤲💚
اڄ ڳوٺ رڙگھڙ تي رب پاڪ پنهنجي رحمت جا در کوليا، ۽ وڏ ڦڙي سان ڀرپور برسات وسي آهي. هيءَ برسات صرف پاڻي نه، پر ماروئڙن لاءِ خوشي، اميد ۽ زندگيءَ جو پيغام آهي.
بيشڪ! رب جا وڏا احسان آهن، سندس هر نعمت تي الحمدلله. 🌿☁️
#الحمدلله #ٿرپارڪر #رڙگھڙ #ماروئڙا

20/06/2026

Celebrating my 5th year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉

مينهن ڪو مولا وسائي پيو سڪي ٿرپارڪرپلر سان پٽڙا پسائي پيو سڪي ٿرپارڪرگنهگار گهڻان تنهنجا بندا آهيون يا خداهٿ کڻي خالي تو...
15/06/2026

مينهن ڪو مولا وسائي پيو سڪي ٿرپارڪر
پلر سان پٽڙا پسائي پيو سڪي ٿرپارڪر
گنهگار گهڻان تنهنجا بندا آهيون يا خدا
هٿ کڻي خالي توڪي پيا پڪاريون يا خدا
رحمان رب رحمت وسائي پيو سڪي ٿرپارڪر
تو سوا ٻيو در نٿو ڪو سجهي سنسار جا رب
تون آهين وسيلو ۽ والي اي ڏيھ جا ڏاتار رب
تنهنجي خزاني ۾ کوٽ ناهي پيو سڪي ٿرپارڪر
واسطو آ مير محمد جو جنهن لاءِ بني آهي دنيا
جهڙا تهڙا آهيون امتي انهيءَ جا اسان
ٻيو اسان وٽ ڪجھ به ناهي پيو سڪي ٿرپارڪر
هٿڙا هاليپوٽي جا مولا مڙهي مقبول ڪر
حال هيڻو تو سندو آ يا خدا قبول ڪر
عرض عاجزن جا اگھائي پيو سڪي ٿرپارڪر

💔 سڪل کوهه، اڃايل مال، پاڻي لاءِ واجهائيندڙ ماڻهو ۽ برسات جا منتظر ٻار... اچو ته گڏجي دعا ڪريون ته الله پاڪ ٿر جي ڌرتيءَ تي رحمتن جا ڪڪر موڪلي ۽ هر طرف خوشحالي، ساوڪ ۽ سڪون عطا فرمائي. آمين 🤲
✍️ هاليپوٽو
📍 Village Rurghar
#ٿرپارڪر #سنڌ #مينهن #دعا #برسات

🌸 سلام دوستو! اميد آهي ته اوهان سڀ خيريت سان هوندا. اڄ پنهنجو حال احوال ڪمينٽ ۾ ضرور ٻڌايو. اوهان ڪهڙي شهر مان آهيو ۽ اڄ...
08/06/2026

🌸 سلام دوستو! اميد آهي ته اوهان سڀ خيريت سان هوندا. اڄ پنهنجو حال احوال ڪمينٽ ۾ ضرور ٻڌايو. اوهان ڪهڙي شهر مان آهيو ۽ اڄ جو ڏينهن ڪيئن گذري رهيو آهي؟ 😊

#سنڌ

Address

Chachro
69170

Telephone

+923473250915

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Rurghar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Village Rurghar:

Shortcuts

Share