31/10/2024
ڏِيئَن ۾ ڪو ڏُکُّ ٻَري ٿو،
ڏِيارِي ڄَڻ ڪا وَڻجارِي.
نَوَراتِيءَ تي نِڀُّ اَڪيلو،
ٿوھَرُ، جهُوپو، جيءُ جهُريلو،
سارَنگِي وَئي ھانءُ تِڇِيندِي،
تارَ چُرِي ۽ سارَ گهُلِي پَئِي،
ڏيکُ سَڄو شَمشان،
تو بِن ھيءُ جَھان،
سَڙندِي ڪاٺِي،
روئَندِي بينسَرِ،
ڪُسڪِي ڇيڙِي ڪوھِيارِي،
ڏِيارِي ڄَڻ ڪا وَڻجارِي،
ڏِيئَن ۾ ڪو ڏُکُّ ٻَري ٿو.
سَرتا!ڪنھن لَئہ وِرتُ رَکان ھا؟
چنڊُ نہ مُنھنجو چَڙھڻُو آھي،
پاڻِيءَ لوٽيءَ ڪيرُ ڏِئي ھا؟
پُرڻَ پَريان اُونداھو آھي،
مُنھنجا ڏِينھَن بہ ماڻِ،
سُورَ سَڀَئِي مُون ڪاڻِ،
ٺارِيَل اَرتِي،
تُنھنجي سَرتِي،
رَکَّ ٿِيلَ ڪا وَلھارِي،
ڏِيارِي ڄَڻ ڪا وَڻجارِي،
ڏِيئَن ۾ ڪو ڏُکُّ ٻَري ٿو.
ڏِيپَ! ڪَتِي آکاڙُ اسان لاءِ،
چِڻنگُون مون ۾ روزَ ڌِڳَن ٿِيُون،
ٻَکَّ ڇِنِيءِ جُون سيني ڏِياٽِيُون،
ڏِياري ڇا! ھر ڏينھن ٻَرن ٿِيون،
ڄَڻِي ڄَڻِيءَ سان جوڙ،
تُون بہ تہ ڪَرھو موڙ،
تَنُّ پُساءِ،
اُڃَ مُڪاءِ،
ڍاپي تو مان تاسارِي
ڏِيارِي ڄَڻ ڪا وَڻجارِي
ڏِيئن ۾ ڪو ڏُکُّ ٻَري ٿو.
گيتُ. فقير مُحب علي راڄپر❤️