Ratan thakor

Ratan thakor maix video

پنجاب ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ بل پيش، جبري مذهبي تبديلي تي 5 سال قيد جي تجويز...RGMA
02/04/2026

پنجاب ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ بل پيش، جبري مذهبي تبديلي تي 5 سال قيد جي تجويز...RGMA

🌞 سورج گرهڻهي گرهڻ پاڪستان جي معياري وقت موجب اڱارو 17 فيبروري 2026 تي منجهند کان شروع ٿيندو۔⏰ شروعات: منجهند 02:56:15⏰ ...
17/02/2026

🌞 سورج گرهڻ
هي گرهڻ پاڪستان جي معياري وقت موجب اڱارو 17 فيبروري 2026 تي منجهند کان شروع ٿيندو۔
⏰ شروعات: منجهند 02:56:15
⏰ عروج: شام 05:12
⏰ پڄاڻي: رات 07:27:30
هي هڪ حلقي جهڙو (Annular) سورج گرهڻ هوندو، جنهن کي فلڪيات ۾ “رِنگ آف فائر” پڻ چيو ويندو آهي۔
هي گرهڻ ارجنٽينا، چلي، ڏکڻ آفريڪا ۽ انٽارڪٽيڪا ۾ ڏٺو ويندو،
پر پاڪستان ۾ نظر نه ايندو۔
⭐ نجومي راءِ
نجوم جي ماهرن موجب هي گرهڻ برج دلو (Aquarius) جي آخري درجن ۾ پيو آهي۔
انهن جي خيال موجب اهڙي گرهڻ سان:
سياست، معيشت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اوچتي تبديليون اچي سگهن ٿيون۔
احتجاج يا اهم خبرون سامهون اچي سگهن ٿيون۔
ڪجهه ماڻهو گرهڻ کي زلزلي يا قدرتي تبديلين سان به ڳنڍين ٿا، پر سائنسي طور اهڙو سڌو لاڳاپو ثابت ناهي۔
🕌 اسلامي نقطه نظر
اسلام ۾ سج يا چنڊ گرهڻ کي ڪنهن جي موت يا نحوست سان جوڙڻ منع آهي۔
رسول الله ﷺ فرمايو:
“سج ۽ چنڊ کي گرهڻ ڪنهن جي موت سبب نٿو لڳي، اهي الله جون نشانيون آهن۔ جڏهن اوهين انهن کي ڏسو ته نماز پڙهو ۽ دعا گهرو.”
(صحيح بخاري: 1060، صحيح مسلم: 915)
⚠️ احتياطي تدبيرون
جتي گرهڻ نظر ايندو، اتي ماڻهو:
سج کي سڌو اکين سان هرگز نه ڏسن، ان سان نظر کي نقصان ٿي سگهي ٿو۔
صرف خاص فلٽر وارا (ISO certified) شيشا استعمال ڪن۔
گرهڻ وقت نمازِ ڪسوف پڙهڻ سنت آهي، ۽ استغفار، دعا ۽ صدقو ڪرڻ مستحب آهي۔
ڇاڪاڻ ته هي گرهڻ پاڪستان ۾ نظر نه ايندو، تنهنڪري هتي نماز ڪسوف ادا نه ڪئي ويندي، پر استغفار ڪرڻ سٺو عمل آهي۔
🤲 صدقا ۽ عمل
ڪڻڪ، چڻا جي دال، مڪئي ۽ ڳاڙهي ماش صدقو ڏيڻ سٺو آهي۔
جان ۽ مال جو صدقو به ڏيو۔
خراب عادتن ڇڏڻ ۽ چڱا ڪم شروع ڪرڻ لاءِ به بهتر وقت سمجهيو ويندو آهي۔
الله پاڪ سڀني کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي۔ آمين۔

ڪوٽ غلام محمد ڀرگڙي ڏونڳرو مل ڪالوني ديھ 333 مان ڏک جي خبر ويرسن ولد ميھو پٽيل ناروليو دل جو ڌورو پوڻ سبب سرگواس ٿي ويا ...
10/02/2026

ڪوٽ غلام محمد ڀرگڙي
ڏونڳرو مل ڪالوني ديھ 333 مان ڏک جي خبر ويرسن ولد ميھو پٽيل ناروليو دل جو ڌورو پوڻ سبب سرگواس ٿي ويا آھين جنهن جون آخري رسمون 12, بجي مائي ڀھٺي لڳ ڍينگاڻ ڀرگڙي ۾ ادا ڪيون وينديون ھري اوم شانتي🥲

مھرباني ڪري پورو پڙھجو ۽ پنھجي را۽ ضرور ڏجو🙏🏻🙏🏻 ھي جان ليوا رسمون ختم ڪريو غريب ڪولھين کي قرضي ۽ خودڪشي ڪرڻ کان بچايو اڄ...
26/01/2026

مھرباني ڪري پورو پڙھجو ۽ پنھجي را۽ ضرور ڏجو🙏🏻🙏🏻

ھي جان ليوا رسمون ختم ڪريو غريب ڪولھين کي قرضي
۽ خودڪشي ڪرڻ کان بچايو

اڄ ڊگھڙي ۾ ٿراڏري ڪولھي برادري ۾ ھڪ ميٽينڱ ٿي
ڳذري جنھن ۾ اھيو ٻڌايو ويو ته زيورات جو بلڪل بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي زيورات جي ڪري ڪيترائي رشتا ٽٽي ويا ۽ ڪيترائي رشتا ڪون پيا ٿين ڪنھن غريب ما۽ پئ وٺ زيورات وٺڻ لا۽ پئيسا نه ھجڻ ڪري رشتا ٽٽندا آھن پو۽ اھيو مائيٽ مجبورن گھر جو مال وڪڻندو يا ڪنھن زميندار کان قرض کڻندو جيڪڏھن اھيو به نٿو ٿئي ته پو۽ اھيو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ڪجھ ڪولھين ۾ اھڙيون رسمون آھن ته زيورات ڇوڪرو وارا وٺي ويندا آھن جي نه وٺي وڃي ته شادي ڪون ٿيندي
ھاڻي انهن اھيو فيصلو ڪيو آھي ته زيورات جي بنا به شاديون ڪرائي سگھون ٿا صرف ساديون چوڙيون ۽ منڱل شوتر لازمي قرار ڏنو آھي زيورات جو بلڪل بائيڪاٽ آھي
🙏🏻منھنجي چوڻ جو مطلب ته اھيو ريتون رسمون پوري سنڌ ۾ رھندڙ سڀن ڪولھي برادري کي ختم ڪرڻ کپي پو۽ ميواشي ; ھاسور; ٿراڏري; پارڪريا; ڪڇي; وڊيارا; واڳڙيا; جيتريون به ڪولھين جيون نکون آھن انھن سڀني ۾ ھجڻ کپي
اھيو قدم کڻڻ سان توھان ڪنھن غريب کي قرضي ٿيڻ ۽ خودڪشي ڪرڻ کان بچائي سگھو ٿا

نوٽ:جنھن وٺ ٿورو گھڻو پئسو آھي ته ھو زيورات ڏيئي سگھي ٿو ۽ جنھن وٺ ڪونھي ته ان کي تنڱ نه ڪيو وڃي زيورات بنا شاديون ڪري سگھي ٿو
پورو پڙھڻ جي مھرباني 🙏🏻
R.G.M

هڪ غريب ڪولهي هاري گهر ۾ اٽو نه هجڻ ڪري ڪلھ سومر جي ڏينهن جھڏو واري پڙي ۾ 30 هزار ۾ ٻڪري وڪڻي واپاري کان پئسا ورتا ته زم...
23/01/2026

هڪ غريب ڪولهي هاري گهر ۾ اٽو نه هجڻ ڪري ڪلھ سومر جي ڏينهن جھڏو واري پڙي ۾ 30 هزار ۾ ٻڪري وڪڻي واپاري کان پئسا ورتا ته زميندار نالي شاڪا پنجابي تاڙ ۾ بيٺو هو پئسا فري ورتا ته توتي منهنجو 3 لک روپيا قرض آهي پئسا ڪونه ڏيندس ماٺ ڪري پنڌ گهر وڃ
غريب هاري ويچارو پنڌ گهر ويو اتي ننڍا ٻار آسري ۾ ويٺل هئا ته اسان جو بابا ٻڪري وڪڻي اٽو کڻي ايندو پر بابا خالي هٿ آيو ٻارڙن جي بک برداشت نه ٿي ته خد ڪشي ڪري ڇڏي
پهلاج ڪولهي کي جڏهن اها خبر پئي ته اهو سر زمين تي پهتو ۽ وارثن کان پڇا ڪيم ته مٿي ڄاڻايل ساڳي حقيقت ٻڌائي پر اتي موجود ڪجھ پٽيل زميندار وٽ وڪجي ويا مائٽن کي بليڪ ميل ڪري لاش بغير پوسٽ مارٽم جي واپس کڻائي ويا انهن ڪامريڊ پهلاج ڪولهي جي هڪ به نه ٻدي لاش دفنائي ڇڏيو
مسڪين ڪولھي هاري جا ننڍا ننڍا ست ٻار آهن ڪير پاليندو
هن معاملي جو ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ڊي آئي جي ميرپورخاص نوٽيس وٺي ظالم زميندار تي ايف آئي آر ڪري جيل جي حوالي ڪيو وڃي ملوث پٽيلن تي به ڪيس داخل ڪيو وڃيR.G.M

ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ ڏامرو مل ڪولھي ڪالوني ديھ 333  ۾ آوارا ڪتن جو تعداد خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ ...
20/01/2026

ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ ڏامرو مل ڪولھي ڪالوني ديھ 333 ۾ آوارا ڪتن جو تعداد خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آوارا ڪتا گهٽين ۽ گهٽين ۾ آزاد گهمي رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ننڍڙن ٻارن تي حملا ٿي چڪا آهن، جنهن سبب والدين سخت پريشان آهن.
مقامي ماڻهن موجب، ڪتا خاص طور تي صبح ۽ شام جي وقت وڌيڪ خطرناڪ بڻجي وڃن ٿا، جڏهن ٻار راند لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرندا آهن. ڪيترن ئي گهر ڀاتين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي.
ڳوٺاڻن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوراً آوارا ڪتن خلاف قدم کنيا وڃن ۽ ٻارن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. جيڪڏهن بروقت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ڪنهن وڏي حادثي جو خدشو آهي.
جڏھن ته لڇمن جي ٻن پٽن ھريش ۽ راجيش کي ڏھاڙي وڌو. پاران. سٽي پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد.R.G.M

Address

Karachi

Telephone

+923085393657

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ratan thakor posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ratan thakor:

Shortcuts

Share