MohanParmar

MohanParmar . Mithi tharparkar

22/05/2024
ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي زيڊ اي ڀٽو بوائز هاسٽل جي روم نمبر 9 ۾ قانون جي پڙهائي جي تياري ڪندڙ شهزاد کوسو سان مبينا بدفع...
12/09/2022

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي زيڊ اي ڀٽو بوائز هاسٽل جي روم نمبر 9 ۾ قانون جي پڙهائي جي تياري ڪندڙ شهزاد کوسو سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش، ڪيس داخل،
سوسائٽي چيڪ پوسٽ انچارج اياز ٻگهيو ڪارروائي ڪري ٽين جوابدارن پرويز جکراڻي، ارباب جکراڻي ۽ اسد ڀنگوار کي گرفتار ڪري ورتو..

11/09/2022

لڪشمي جڏهن سب انسپيڪٽر جي حيثيت ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي گهر پهتي ته هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي سلام ڪيو ۽ کين سلام ڪيو.
جڏهن لڪشمي ميگھوال، بارمير جي منگل جي بيري جي ڌيءَ، پنهنجي ڪلهي تي ٻه تارا چمڪندي گهر پهتي، تڏهن بزرگ والدين جا منهن ٽڙي پيا.
# بارمر # لکشمي # ميگھوال # سب انسپيڪٽر # راجسٿان پوليس

  بارمير ضلعي جي ميگھوال سوسائٽي جي پهرين سب انسپيڪٽر بڻجي وئيلکشمي ميگھوال گدوير جي جدوجهد جي ڪهاڻي هڪ مثال آهي، انساني...
11/09/2022

بارمير ضلعي جي ميگھوال سوسائٽي جي پهرين سب انسپيڪٽر بڻجي وئي
لکشمي ميگھوال گدوير جي جدوجهد جي ڪهاڻي هڪ مثال آهي، انساني سماج جي هر طبقي کي گذارش آهي ته نياڻين کي جيئڻ جو موقعو ڏيو ۽ اڳتي پڙهن.
جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته ڌيئرون ڪري سگهن ٿيون جيڪي پٽ نه ڪري سگهيا آهن.

11/09/2022

مٺي/ نئون ڪوٽ وڄوٽو پوليس جي حراست ۾ مارجي ويل منظور ڪورائي جو قتل ڪيس 4 جوابدارن تي داخل.ڌرڻا ختم.

 ڀيل ھڪ آديواسي قبيلو آھي جيڪو ھن دور ۾ ھڪ سماج جي شڪل اختيار ڪري چڪو آھي. سنڌ ۾ ڀيل ھڪ ذات سمجھي ويندي آھي پر حقيقت ۾ ا...
11/09/2022


ڀيل ھڪ آديواسي قبيلو آھي جيڪو ھن دور ۾ ھڪ سماج جي شڪل اختيار ڪري چڪو آھي. سنڌ ۾ ڀيل ھڪ ذات سمجھي ويندي آھي پر حقيقت ۾ اھو آديواسي قبائلي سماج آھي. انڊيا ۾ ڏھ ڪروڙ آبادي آديواسي قبائلين جي آھي جنھن ۾ ڀيل قبيلو سڀني کان وڌيڪ آبادي رکندڙ قبيلو آھي.
انڊيا جي سرڪاري ويب سائيٽس تي census جا جيڪي انگ اکر ڏنل آھن ان مطابق ڀيل انڊيا جي چئن رياستن مڌيہ پرديش، راجسٿان، گجرات، مھاراشٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ قبائلي آبادي رکندڙ ڪميونٽي آھي. مڌيہ پرديش مھاراشٽر گجرات ۽ راجسٿان جي سنگم تي اراولي پھاڙي سلسلي واري بيلٽ ۾ ڀيل پرديش نالي صوبي جو مطالبو پڻ زور شور سان ٿيندو رھيو آھي. 24 ضلعن ۾ ڀيلن جي واضع اڪثريت آھي جيڪي ڀيل اڪثريتي ضلعا مڌيہ پرديش مھاراشٽر گجرات ۽ راجسٿان جي صوبن ۾ شامل آھن.
ڀيلن جي ماضي ۾ شاندار تاريخ پڻ رھي آھي جنھن کي دٻايو ۽ مسخ ڪيو ويو آھي ۽ ويجھي ماضي ۾ راجسٿان ۽ گجرات جي ڀيلن جي مانڳڙھ پھاڙي جي معرڪي جو عظيم باب بہ دٻايو ويو آھي جنھن ۾ راجپوتن ۽ انگريزن سان وڙھندي پنج ھزار ڀيل مارجي ويا ھئا. مڌيہ پرديش ۾ تانٽيا ڀيل جي مزاحمت پڻ ھڪ عظيم مثال آھي. ان سان گڏوگڏ ڀيل سماج ۾ پسماندگي ۽ بدحالي ۽ محرومين جا پڻ اڻکٽندڙ داستان آھن.ايڏي وڏي آبادي رکندڙ سماج ۾ ڪا ھڪ ذات يا قبيلي جي مرڪزيت ناھي پر ڀيل سماج سوين sub castes ۾ ورھايل آھي جن جي رھڻي ڪھڻي، ڪلچر، ٻولي لباس ھڪٻئي سان مشاھبت بہ رکي ٿو تہ منفرد پڻ آھي. مجموعي طور ڀيل سماج ۾ ڪجھ وڏي آبادي رکندڙ مکيہ سب ڪاسٽس ھيٺ ڏجن ٿيون.
ڏونگري ڀيل
راجسٿاني مارواڙي ڀيل
سانسي ڀيل
پاراڌي ڀيل
شڪاري ڀيل
ٿوري ڀيل
ڏوھري ڀيل
دوڍيا ڀيل
راوت ڀيل
گراسيا ڀيل
تانڊوي ڀيل
مانجھي ڀيل
باگڙي ڀيل
وارلي ڀيل
نائڪ ڀيل
واسوا ڀيل
راٿوا ڀيل
باڙدا ڀيل
ڀيلالا
ڀيل مينا
انھن Sub castes جون پڻ ڪيتريون ئي شاخون آھن ۽ انھن اندر وري ننڍيون ننڍيون ذيلي ذاتيون، نُکون ۽ اوڙڪون پڻ آھن.
مٿي ڄاڻايل ذاتين ۾ گراسيا راجپوت ذاتيون پنھنجو پاڻ کي ڀيل نٿيون سڏائين جھڙوڪ راوت، تانڊوي، ڀيلالا ۽ مينا وغيرہ پر عام طور انھن کي ڀيل سماج ۾ ئي شمار ڪيو ويندو آھي. ڀيل سماج جي اڪثر آبادي سماجي ۽ معاشي طور انتھائي پوئتي پيل آھي.
پنڻ خانہ بدوشي سميت دربدري جي زندگي گذارڻ انھن ڪيترين ئي sub castes جو مقدر بڻجي چڪو آھي جنھن ۾ ٿوري ڀيل پڻ ڀيلن جي ھڪ سب ڪاسٽ آھي.
سنڌ ۾ ٿوري ڀيلن جو ڪجھ تعداد سانگھڙ ۽ گھوٽڪي ۾ آباد آھي جڏھن تہ ڪافي ٿوري پنجاب جي روھي چولستان ۾ آباد آھن جيڪي انتھائي پسماندہ آھن.
افسوس انھن دوستن تي ٿئي ٿو جيڪي انھي حقيقت کان انڪار ڪن ٿا ايئن اکيون بند ڪرڻ ۽ صرف مھارانا پرتاب سنگھ راوت ڀيل جا قصا ڳائڻ، ڌنا ڀيل، گارد ڀيل ۽ چندر موريا جا قصا دھرائڻ سان ڪجھ بہ حاصل نہ ٿيڻو آھي. تلخ حقيقتن کي بہ دل سان تسليم ڪجي ۽ انھن پسماندگين ۽ محرومين کي نہ فقط تسليم ڪجي پر سڌاري لاءِ پڻ جدوجھد ڪرڻ گهرجي.
لاڙڪاڻي، سکر سميت اتر سنڌ ۽ چولستان ۾ ڀيلن جي حالت انتھائي خراب آھي. ڇا اسان انھن کي ڀيل سڏڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيون؟
بنا ڪنھن تحقيق ۽ ڄاڻ جي اسان جا دوست سنٿال قبيلي کي بہ ڀيل قرار ڏئي دروپدي مورمو جي صدارت جي حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏئي ۽ وصول ڪري رھيا آھن تہ ٻئي طرف پنھنجي ئي ڀيل سماج جي ڀائرن کان لاتعلقي اختيار ڪري رھيا آھن.
ٿوري شڪاري پاراڌي سانسي ھڏاوڙ ماڙيچا اسان جا ئي وڇڙيل ڀائر آھن انھن کان لاتعلقي اختيار ڪرڻ بدران کين ڀاڪرن ۾ ڀري پنھنجو ڪرڻ ۽ اپنائڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن مجموعي طور پسماندہ سماج اڳتي اسري سگھي ۽ ھڪ قوت بڻجي سگھي.
گنپت راء جي وال تان Copy

16/08/2022

وڳڻ ويجهو وڪا موري وٽ طوفاني برسات دوران رونبو ڪندڙن مٿان وڄ (کنوڻ) ڪري پئي، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت

سنڌ ۾ 46 لک کان وڌيڪ اقليتي ماڻهو موجود آھنعمرڪوٽ ضلعو اقليتن جو اڪثريت وارو ضلعو قرار پر ھڪ ايم اين اي ۽ ٽي ايم پي ايز ...
15/08/2022

سنڌ ۾ 46 لک کان وڌيڪ اقليتي ماڻهو موجود آھن
عمرڪوٽ ضلعو اقليتن جو اڪثريت وارو ضلعو قرار پر ھڪ ايم اين اي ۽ ٽي ايم پي ايز مان ڪوبه چونڊيل اقليتي نمائندو موجود نه آھي سڀ جا سڀ ڀوتار ضلع عمرڪوٽ ۾ رھندڙ 52 سيڪڙو ھندو برادري کي پنهنجي حقن لاء جاڳڻو پوندو
عمرڪوٽ کان علاوھ ٿرپاڪر ميرپورخاص ٽنڊوالھيار حيدرآباد ڪراچي سانگھڙ بدين مٽياري ٽنڊومحمد خان ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ وڏي تعداد ۾ اقليتي برادري موجود آھي جنهن ۾ اڪثريت دراوڙ طبقي سان وابستا ڀيل ڪولھي ميگھواڙ ڪڇي باگڙي جوڳي ۽ ٻين برادرين جي آھي پر سياسي پارٽيون مخصوص سيٽون ۽ ٽڪٽ صرف سيٺن سرمائيدارن کي ڏئي رھيون آھن جن برادرين جو ووٽن جو تعداد سموري سنڌ ۾ ھڪ لک به ڪونھي ۽ 30 لکن کان وڌيڪ ووٽ بئنڪ رکندڙ دراوڙن کي اعليٰ ايوانن تائين پھچڻ نٿو ڏنو وڃي
پاڪستان دراوڙ اتحاد

مشهور موسمي  پيراميٽر ((ECMWF)) جي مطابق هن وقت هڪ طاقتور هوا جو گهٽ دٻاء ((Low Pressur)) انڊيا م موجود آهي،،  جيڪو  16 ...
15/08/2022

مشهور موسمي پيراميٽر ((ECMWF)) جي مطابق هن وقت هڪ طاقتور هوا جو گهٽ دٻاء ((Low Pressur)) انڊيا م موجود آهي،،
جيڪو 16 کان 18 آگسٽ جي دوران سڌو سنئو سنڌ سان ٽڪرائجڻ جا امڪان ،
اگر ائين ٿيو ته پوء پوري سنڌ ۾ تيز کان شديد طوفاني برساتون وسنديون ⛈️⛈️⚡⚡⚠️⚠️!!
ياد رهي ته پيراميٽرس ء ريڊار جي هن وقت جي رپورٽ مطابق (Low Pressure) اتر سنڌ سان تڪرائجڻ جا قوي امڪان نظر اچن پيا،،
خدا نه ڪري اگر ائين ٿيو ته پوء سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ موسمي حالتون انتهائي خراب ٿي سگهن ٿيون ⚠️⚠️!!،،،
ان ڪري جلد کان جلد احيتاطي اپاء وٺو ۽ هاري ڀائر ٻني ٻاري جو ڪم ان حساب سان جلدي ڪري وٺن!!

نوٽ!!!! وڌيڪ الله پاڪ بهتر ڄاڻندڙ آهي. مهرباني 🙏🙏.

سياستدان هر جاءِ تي هڪجهڙا هوندا آهن، اهي واعدا ڪندا آهن ته اتي پل به ٺاهيندا، جتي درياهه نه هجي. 😃😃
02/08/2022

سياستدان هر جاءِ تي هڪجهڙا هوندا آهن، اهي واعدا ڪندا آهن ته اتي پل به ٺاهيندا، جتي درياهه نه هجي. 😃😃

Address

Mithi

Telephone

+923403354568

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when MohanParmar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category